اسلام آباد – 22 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته افغان امن طرف تاريخي اڳڀرائي وزيراعظم عمران خان جي سياسي ڏاهپ جو مظهر آهي، ان جو ويزن آهي ته مسئلن جو حل جنگ سان نه ڳالهيون سان ئي ممڪن آهي، پاڪستان سچائي سان افغان عمل ۾ جيڪو مثبت ڪرد??ر ادا ڪيو آهي اهو تاريخ ۾ سنه??ي لفظن سان لکيو ويندو.