ڪوئيٽا – 23 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص ??ددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جو ويزن بلوچستان کي ترقي ڏيڻ آهي، بلوچست??ن پاڪستان جو اهم جز آهي جنهن کي نظراندز نٿو ڪري سگهجي، چئلينجز وڏا آهن پر اسان کي پي ٽي وي کي بي بي سي جي طرز تي ??تح??ڪ بڻائڻو آهي، پاڪستان ٽيلي ويزن کي به دنيا جي ميڊيا هائوسز سان ڳنڍينداسين، ڪارڪن ۽ آرٽسٽ اثاثو آهن. اه??ن خيالن جو اظهار هن پ?? ٽي وي بولان جي لائيو پروگرام ۾ خصوصي ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو.