ڪوئيٽا – 23 جن??ري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته بلوچستان جي عوام حڪومت ۽ سيڪيورٽي فورسز سان گڏجي پاڪستان کي غير مستحڪم ڪرڻ ??ي پرڏيهي سازشن کي مٽي ۾ ملائي ڇڏيو آهي، وزيراعظم عمران خا?? جو صاف موقف آهي ته پاڪستان خطي ۾ ڪنهن جنگ جو حصو نه بڻجندو، پنهنجي خودمختياري ۽ قومي مف??د کي ٻين جي مف??د لاءِ هرگز قربان نه ڪنداسين، وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ بلوچستان سان ماضي ۾ ٿيندڙ ناانصافين کي ختم ڪري هر مرحلي تي انصاف جي فراهمي کي يقيني بڻائينداسين، وفاقي حڪومت پ??ري قوت سان پنهنجي اتحادي پارٽين ۽ بلوچستان جي وڏي وزير ڄام ڪمال سان گڏ بيٺل آهي، اها ڳالهه هن ڪوئيٽا پريس ڪلب جي د??ري جي موقعي تي پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪئي.