اسلام آباد – 31 ڊ??مب?? (اي پ?? پي) وفاق?? ڪابينا معصوم ۽ بي گناهه ڪشميرين سان پنج مهينن کان جاري رياستي دهشتگردي، ڀارت ۾ اقليتن خاص طور تي مسلمان مخالف تڪراري قانونسازي، ظلم ۽ ڏاڍ جي خلاف مذمتي قرارداد اتفاق راءِ سان منظور ڪري ورتي، ڪابينا عالمي فورمز تي ڪشميرين جو ڪيس بهتر انداز ۾ وڙهڻ تي وزيراعظم جي ڪوششن کي ساراهيندي عالمي برادري جي سمورن اڳواڻن، انساني حقن جي علمبردار تنظيمن ۽ عالمي ادارن کي اپيل ڪئي ته ڪشميرين سان ٿيندڙ زيادتين جو نوٽيس وٺن، وزيراعظم جنوري جي پ??رين هفتي بنيادي ضرورت جي شين تي 6 ارب روپيا سبسڊي ۽ جنوري جي آخري هفتي ۾ ڪمزور طبقن جي بنيادي ضرورتن کي پ??رو ڪرڻ لاءِ مالي مدد ڪارڊ جاري ڪندو، وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فر??وس عاشق اعواڻ وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاق?? ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ڪابينا اجلاس جي آغاز ۾ گذريل تقريبن پنج مهين کان والاريل ڪشمير ۾ جاري ڪرفيو ۽ معصوم ڪشميرين تي ظلم ۽ ستم جي شديد مذمت ڪئي.