اسلام آباد – 20 – آگسٽ (اي پ?? پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ل??ڳا??يل عملدارن کي ميٽا جي پاڪستان ۾ آپريشنز جي حوالي سان سمورا مسئلا حل ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ مصنوعي ذهانت جي حوالي سان ميٽا جي مهارت مان فائدو حاصل ڪيو ويندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ميٽا جي 5 رڪني ??فد ملاقات ڪئي. ??فد جي قياد?? ميٽا جي ايشيا پيسفڪ بابت نائب صدر سائمن ملنر ڪئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف ??فد سان ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ڊيجيٽل ميڊيا جي شعبن ۾ بي پ??اهه صلاحيت موجود آهي، ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ جي فروغ جي حوالي سان رڪارڊ بجيٽ رکي و??ي آهي. هن چيو ته انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ مصنوعي ذهانت جي حوالي سان ميٽا جي مهارت مان فائدو حاصل ڪيو ويندو. وزيراعظم ل??ڳا??يل عملدارن کي ميٽا جي پاڪستان ۾ آپريشنز جي حوالي سان سمورا مسئلا حل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. ميٽا جي ??فد وزيراعظم کي پاڪستان ۽ ايشيا پيسفڪ ۾ پنهنجي سروسز بابت آگاهه ڪيو. ??فد بريفنگ دوران ٻڌايو ته ميٽا مصنوعي ذهانت جي حوالي سان ريجن ۾ پهريون مقابلو پاڪستان ۾ منعقد ڪرايو. ٻنهي ڌرين پاڪستان ۾ ڊيجيٽل ميڊيا ۽ مصنوعي ذهانت جي شعبن جي ترقي ۽ ترويج جي حوالي سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو ورجاءُ ڪيو. اجلاس ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪشن واري مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه، ڊپٽي چيئرمين پلاننگ ڪميشن جهانزيب خان، تانيه ايدرس ۽ ل??ڳا??يل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي.