اسلام آباد – 20 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڊپٽي ڪمشنر پنجگور ذاڪر علي جي شهادت ۾ ملوث دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ دهشتگردي ڦهلائيندڙ عنصر ڊي سي پنجگور جي قاتلن جي انجام مان سبق حاصل ڪن، پاڪستان ۾ دهشتگر?? کي وڌڻ جو قطعي طور ??وقعو نه ڏنو ويندو. وزيراعظم چيو ته دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تا??ين اسان جي دهشتگردن سان جنگ ج??ري رهندي، پوري قوم دهشتگردي جي خاتمي جي جنگ ۾ پاڪ فوج سان گڏ بيٺل آهي.