اسلام آباد – 13 – آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري عنبرين جان چيو آهي ته اسان جي نئين نسل پا??ست??ني ثقافت ۽ ان جي خوبصورتي کان چڱي ريت آگاهه آهي، اسان هڪ باصلاحيت قوم جي حيثيت سان هر ميدان ۾ پنهنجو مقام حاصل ڪنداسين. اها ڳالهه هن انفارميشن سروس اڪيڊمي ۾ ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبلي ڪيشنز جي اهتمام هيٺ آزادي ڏهاڙي جي تقريبن جي سلسلي ۾ ڊيجيٽل فوٽوگرافي ۽ پينٽنگ نم??ئش کي خاص مهمان جي حيثيت سان خطاب ڪندي چئي. اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽري نم??ئش ۾ شامل شاگردن جي تيار ڪيل تصويرن ۽ پينٽنگز کي ساراهيندي چيو ته شاگردن پاران ان فوٽوگرافي ۽ پينٽنگ نم??ئش ۾ شرڪت نئين نسل جو پنهنجي ملڪ سان وابستگي جو اظهار آهي. انهن تصويرن ۽ پينٽنگز ۾ ملڪ ۽ قوم جي ثقافت جي ڀرپور عڪاسي ڪئي وئي آهي. هن خاص طور تي شاگردن جي محنت ۽ ڪوششن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت هر سال آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي اهڙي طرح جا پروگرام منعقد ڪندي آهي. هن 14 آگسٽ جي موقعي تي ان شاندار نم??ئش منعقد ڪرڻ تي شاگردن، استادن ۽ اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت کي مبارڪباد ڏني. عنبرين جان ملڪ جي آزادي جي لاءِ بزرگن جي قربانين تي ??ڻ روشني وڌي. ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبلي ڪيشنز جي اهتمام هيٺ منعقد نم??ئش ۾ ڪوڪنگ، موسيقي، تاريخي عمارتن، لباس ۽ تصويرن سميت مختلف شعبن ۾ پا??ست??ن جي ثقافت کي پيش ڪيو ويو. نم??ئش ۾ مختلف يونيورسٽين جي شاگردن پاران ملڪ جي مختلف ثقافتي سرگرمين جي عڪاسي ڪندڙ پينٽنگز پڻ پيش ڪيون ويون. اهڙي طرح فيڊرل ڊائريڪٽوريٽ آف ايجوڪيشن جي اسڪولز جي شاگردن جي ٺاهيل پينٽنگز کي پڻ نم??ئش ۾ رکيو ويو. نم??ئش ۾ پا??ست??ن جي خوبصورت منظرن، ڍنڍن ۽ تاريخي عمارتن جون تصويرون ڏيکاريون ويون جن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪندڙن کي پنهنجي طرف متوجهه ڪيو. نم??ئش جي شرڪت ڪندڙن يونيورسٽي جي شاگردن پاران ملڪ جي ثقافت کي شاندار پينٽنگز جي ذريعي پيش ڪرڻ تي ساراهيو. ان موقعي تي اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽري شاگردن ۾ تعريفي سرٽيفڪيٽس پڻ ورهايا.