راولپنڊي – 13 – آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ج??ولين ٿرور گولڊ ميڊلسٽ ارشد نديم کي اسلام آباد اچڻ تي ڀليڪار چ??ندي چيو آهي ت?? ارشد نديم قومي هيرو آهي، وزيراعظم جي خصوصي دعوت تي کيس اسلام آباد گهرايو ويو آهي. نور خان ??يئربيس تي صحافين سان ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چ??و ته ارشد نديم کي خصوصي جهاز جي ذريعي اسلام آباد آندو ويو آهي، ارشد نديم سرڪاري مهمان ??هي، کيس اسٽيٽ پروٽوڪول ڏنو ويو آهي. هن چيو ته ارشد نديم سان گڏ سندس فيملي ۽ ڪوچ به موجود آهن. وفاقي وزير چ??و ته قومي هيرو جي وفاقي گادي واري شهر اچڻ تي خوشي آهي، اڄ وزيراعظم سندس اعزاز ۾ مانجهاندي جو اهتمام پڻ ڪيو آهي. هن چيو ته 14 آگسٽ جي مرڪزي ت??ريب ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ارشد نديم گڏجي جهنڊو ڦڙڪائيندا، ارشد نديم ٻين شهرن ۾ به آزادي جي ڏهاڙي جي ت??ريبن ۾ شرڪت ڪندو. ان موقعي ت?? ڳالهائيندي گولڊ ميڊلسٽ ارشد نديم چيو ته هو پنهنجي والدين ۽ پوري قوم جو ٿورائتو آهي، قوم جي دعائن سان ??ڄ وڏي ڪاميابي ملي آهي. هن چيو ته 2012ع ۾ محمد شهباز شريف پنجاب يوٿ فيسٽيول منعقد ڪرايو، پنهنجي پهرين مئچ ان يوٿ فيسٽيول ۾ کيڏي. هن چيو ته ڊپارٽمينٽل اسپورٽس سان ??انديگرن جي حوصلا افزائي ٿئي ٿي، 2015ع ۾ واپڊا ۾ شموليت اختيار ڪئي. هن چيو ته اولمپڪس ۾ ڪاميابي جي لاءِ مون تمام گهڻي محنت ڪئي، اڳتي به ملڪ جو نالو روشن ڪرڻ جي لاءِ وڌيڪ محنت ڪندس. هن چيو ته منهنجي ڪوچ سلمان ??ٽ منهنجي ڪاميابي جي لاءِ تمام گهڻي محنت ڪئي، الله تعاليٰ گولڊ ميڊل سان نوازيو آهي، پاڪستان ??ي لاءِ وڌيڪ محنت ڪرڻي آهي ۽ پاڪستان ??و ڳاٽ فخر سان ??لند ڪرڻو آهي.