اسلام آباد – 12 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان – ترڪيه ٻطرفي سياسي مشاورت (بي پي سي) جو ستون دور اسلام آباد ۾ م??عق?? ٿيو جنهن ۾ پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ گهڻ رخي ۽ علائقائي سطح تي ??عاون وڌائڻ تي ??يالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب پرڏيهي سيڪريٽري محمد سائرس قاضي ۽ جم??وريه ترڪيه جي پرڏيهي معاملن واري نائب وزير نوح يلماز پنهنجي لاڳاپيل طرفن کان ڳالهين واري دور جي سربراهي ڪئي. ٻنهي طرفن پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ سياسي لاڳاپن، واپار ۽ سيڙپڪاري، توانائي، سلامتي ۽ دفاع، انفارميشن ٽيڪنالاجي، ثقافت ۽ سياحت، تعل??م ۽ قونصل خاني جي معاملن سميت ٻطرفي تعاون جي معاملن جو تفصيلي جائزو ورتو. پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ گهڻ رخي ۽ علائقائي سطح تي ??عاو?? تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. هاءِ ليول اسٽريٽجڪ ڪوآپريشن ڪائونسل (ايڇ ايل ايس سي سي) جي اهميت کي نظر ۾ رکندي ڌرين اسلام آباد ۾ ڪائونسل جو ستون اجلاس جلد م??عق?? ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. ڌرين دفاع ۽ سلامتي ??ي شعبي ۾ مضبوط تعاو?? تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ گڏيل منصوبن ۽ نئين اڀرندڙ ٽيڪنالاجيز جي شعبن ۾ تعاون جي ذريعي موجوده تعاون کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ تي ??تفاق ڪيو ويو. ڌرين ٻطرفي واپاري ماپي کي وڌيڪ وڌائڻ ۽ سيڙپڪاري ۾ تعاون وڌائڻ تي ??تفاق ڪيو. ڌرين موجوده معاهدن کي مڪمل ۽ موثر طريقي سان هلائڻ جي ڪوششن جي عزم جو پڻ اظهار ڪيو. جائزي هيٺ معاهدن جي جلد پڄاڻي ۽ پاڪستان – ترڪيه اسٽريٽجڪ اڪنامڪ فريم ورڪ (ايس ايس ايف) کي اپ گريڊ ڪرڻ، گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معامل?? تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي سيڪريٽري ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار تي مستقل ۽ اصولي حمايت تي ??رڪيه کي ساراهيو. ڌرين عزه ۾ اسرائيل جي جاري جنگ ۽ فلسطيني عوام جي نسل ڪشيءَ تي پڻ شديد خدشن جو اظهار ڪيو. هنن فوري جنگبندي جي ضرورت تي ??ور ڏنو ۽ 1967ع کان اڳ جي سرحدن جي بنياد تي هڪ قابل عمل، خودمختيار ۽ ملحقه رياست فلسطين قائم ڪرڻ جي مطالبي جو ورجاءُ ڪيو جنهن جي گادي وارو شهر القدس الشريف هجي. ڌرين گڏيل قومن، او آءِ سي، اي سي او ۽ ڊي ايٽ سميت گهڻ رخي ۽ علائقائي فورمز تي ٻطرفن رابطن ۽ تعاو?? تي اطمينان جو اظهار ڪيو. هنن اسلامو فوبيا جو مقابلو ڪرڻ سميت گڏيل دلچسپي جي سمورن شعب?? تي گهڻ رخي فورمز تي گڏيل قدم جاري رکڻ تي ??تفاق ڪيو. ترڪيه جي وفد نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان پڻ ملاقات ڪئي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير پاڪ ترڪ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ ٻطرفي ڳالهه ٻولهه ۽ تعاون کي اڳتي وڌائڻ جي پاڪستان جي خواهش جو اظهار ڪيو. ترڪيه بي پي سي ٻطرفي لاڳاپن جو جامع جائزو وٺڻ ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تاريخي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ تعاون جي نئين شعبن کي ڳولڻ جو هڪ اهم ذريعو آهي.