ا??لا?? آباد -06 آگسٽ (اي پي پي) قانون، انصاف ۽ پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي، ته ايندڙ مهيني (سيپٽمبر) جي آخر تائين پاس??ور?? جي پرنٽنگ جي صلاحيت وڌائي روزانو 55 کان 60 هزار ٿي ويندي، جنهن کان پوءِ پاس??ور?? جاري ڪرڻ ۾ دير جو مسئلو حل ٿي ويندو. قومي اسيمبلي ??ي اجلاس ۾ آغا سيد رفيع الله ۽ سحر ڪامران جي پاس??ور?? جاري ڪرڻ ۾ دير بابت ڌيان ڇڪايو نوٽيس جو جواب ??يندي سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو ته 2004ع ۾ ان وقت جي ضرورتن مطابق مشينري ۽ سافٽ ويئر لڳايا ويا هئا، پر هاڻي پاس??ور?? جي گهرج وڌي روزانو 45 هزار ٿي چڪي آهي، ان کان علاوه مشينن جو تعداد به 20 کان وڌي 92 ٿي ويو آهي ۽ پاس??ور?? جون آفيسون به وڌي ويون آهن، انهن ضرورتن کي نظر ۾ رکندي نئين مشينري ۽ جديد پرنٽرز ام??ور?? ڪرڻ لاءِ ٽينڊرز جاري ڪيا ويا آهن، ايندڙ مهيني سيپٽمبر جي آخر تائين هي سسٽم ڪم شروع ڪري ڇڏيندو. جنهن کان پوءِ روزانو 26 هزار بدران 55 کان 60 هزار پاس??ور?? تيار ٿيڻ شروع ٿي ويندا. ڌيان ڇڪايو نوٽيس تي آغا سيد رفيع الله ۽ سحر ڪامران طرفان اٿاريل سوالن جا جواب ??يندي پارلياماني معاملن واري وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو ته حڪومت ان معاملي ??ي فوري ايڪشن ورتو آهي، جيڪڏهن ڪا ڪارروائي نه ڪئي وڃي ها ته پوءِ ڌيان ڇڪايو نوٽيس کي ڪميٽي حوالي ڪرڻ تي ڪو اعتراض نه هجي ها. هن چيو ته سيپٽمبر جي آخر تائين اهي اوزار لڳائڻ شروع ٿي ويندا جنهن کان پوءِ پاس??ور?? جي پرنٽنگ جو تعداد به وڌي ويندو. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته مس ۽ ليمينيٽڊ پيپر جا مسئلا هئا، جن کي حل ڪيو پيو وڃي ۽ ايندڙ ٻن مهينن ۾ صورتحال بهتر ٿي ويندي.