اسلام آباد-01 آگسٽ (اي پي پي) پارليامينٽ ۾ قائم عورت پارليامينٽ ميمبرن جي گروپ ويمن ڪاڪس جي ڪنوينر ڊاڪٽر شاهده رحماني سان پارليامينٽ هائوس ۾ پاڪستان ۾ اقليتن لاءِ قومي لابنگ وفد ملاقات ڪئي، وفد ۾ ڪرشن شرما، جئه پرڪاش موراڻي، ڊاڪٽر ڪلياڻ سنگهه، رومانه بشير، پرڀو ستياڻي، پشپا ڪماري، حب ??وڪ گل، شهزاد فرانسيس ۽ هارون سربديال شامل هئا. ملاقات ۾ مذهبي اقليتن کي درپيش مختلف سماجي، اقتصادي ۽ ثقافتي مسئلن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ ايجنڊا جي ٻن اهم نقطن هندو ميريج ايڪٽ ۽ برابر ملڪيتن جي حقن جي ايڪٽ تي ڌيان ڏنو ويو جيڪو 1973?? جي آئين تحت مذهبي اقليتن جي حقن جي ضمانت ڏي ٿو. وفد ڊاڪٽر شاهده رحماني طرفان ملندڙ تعاون تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ قانون سازي جي عمل ۾ ڊب??يو پي سي کي مڪمل تعاون فراهم ڪرڻ جو ورجاءُ ڪيو. وفد چيو ته ڊاڪٽر شاهده رحماني قانونسازي ۽ بيورو ڪريٽڪ سطح تي اقليتي گروپن جي عورتن لاءِ ڊب??يو پي سي جي حمايت کي يقيني بڻايو. هن پاڪستان ۾ اقليتي گروپن کان عورتن جي تحفظ لاءِ صوبن ۾ قانونسازي جي عمل کي جاري ??کڻ جي تصديق ڪئي.