اسلام آباد – 23 – جولائي (اي پي پي) اطلاعات، نش??يا??، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عط??ءُ الله تارڙ چيو آهي ته تحريڪ انتشار جي سرغني آخرڪار 9 مئي جي واقعي ۾ سهولتڪاري ۽ منصوبابندي جي جرم جو اعتراف ڪري ورتو، ان شرپسند انتشاري ٽولي جي خلاف سخت ڪارروائي ملڪي سلامتي ۽ قومي مفادن جي گ??رج آهي. پنهنجي بيان ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پي ٽي آءِ جي سياست س??ائ??ن تشدد ۽ شرپسندي جي ذريعي ??يا??ت کي نقصان پهچائڻ جي چوڌاري گ??مندي رهي آهي. هن س??ائ??ن لاشن تي ??ياست ڪئي، 9 مئي تي 200 کان وڌيڪ فوجي ٺڪاڻن ۽ جي ايڇ ڪيو تي ??ملا ڪيا، ڪور ڪمانڊر هائوس جي ٻاهران عمران نيازي جي خاندان جا ماڻهو موجود هئا جيڪي حملن جون هدايتون ڏيندا رهيا. هن چيو ته زمان پارڪ دهشتگردن جو تربيتي هيڊڪوارٽر بڻيل رهيو جتي پيٽرول بم تيار ڪيا ويندا ۽ سياست تي ??ملي جي تربيت ڏني ويندي رهي. وفاقي وزير چيو ته آءِ ايم ايف کي خط لکڻ، ملڪ کي ڊيفالٽ ڪرائڻ، سائفر ڦڙڪائڻ جي سازش کان وٺي شهيدن جي يادگارن جي بي حرمتي ڪئي وئي، هن هر اهو ڪم ڪيو جيڪو ملڪ دشمن به نه ڪري سگهيو. عط??ءُ الله تارڙ چيو ته ان شرپسند، انتشاري ٽولي جي خلاف سخت ڪارروائي ملڪي سلامتي ۽ قومي مفادن جي گ??رج آهي.