اسلام آباد – 16 – جولائي (اي پي پي) نائب وزي??اع??م ۽ پرڏ??هي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار عمان ۾ پاڪستاني سفير کي هدايت ڪئي آهي ته هو عماني عملدارن ۽ مسقط ۾ پاڪستاني ڪميونٽي سان ويجهي رابطي ۾ رهي، شهيد ٿيندڙن جي ميتن جي جلد وطن واپسي جو بندوبست ڪيو وڃي. پرڏ??هي وزارت پاران مسقط، عمان ۾ دهشتگرد حملي جي تازه ترين صورتحال جي حوالي سان جاري تفصيل موجب نائب وزي??اع??م ۽ پرڏ??هي وزير محمد اسحاق ڊار عمان ۾ امام با??گاهه علي بن ابي طالب تي دهشتگرد حملي ۾ شهيد ٿيندڙ پاڪستانين جي گهرڀاتين سان دلي تعزيت ۽ همدرديءَ جو اظهار ڪيو آهي. پرڏ??هي وزير محرم جي مقدس مهيني ۾ دهشتگرد حملي ۽ مسلمانن جي قتل جي شديد مذمت ڪئي آهي. نائب وزي??اع??م عمان ۾ پاڪستان جي سفير عمران علي سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه پڻ ڪئي آهي. سفير عمران علي نائب وزي??اع??م کي مسقط ۾ امام با??گاهه علي بن ابي طالب تي گذريل رات جي حملي با??ت بريفنگ ڏني. پرڏ??هي وزير سفير کي هدايت ڪ??ي ته هو عماني عمدارن ۽ مسقط ۾ پاڪستاني ڪميونٽي سان ويجهي رابطي ۾ رهي، شهيد ٿيندڙن جي ميتن جي جلد وطن واپسي جو بندوبست ڪري. هن هدايت ڪ??ي ته عمان جي اسپتالن ۾ علاج هيٺ زخمين جي ڀلائي جو پڻ خيال رکيو وڃي.