اسلام آباد-12 جولاءِ (اي پي پي) آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري م??لڪ??ي وزير شزه فاطمه خواجه سان قطر سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي پارڪ جي صدر ڊاڪٽر جيڪ لاو جمعي ڏينهن سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن ۽ اسٽارٽ اپ ايڪو سسٽم ۽ انوويشن جي حوالي سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي. ملاقات ۾ آءِ ٽي واري م??لڪ??ي وزير کي قطر سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي پارڪ جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. قطر سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي پارڪ جي صدر ڊاڪٽر جيڪ لاو چيو ته پاڪستاني ڪمپنيون قطر ۾ پنهنجون آفيسون قائم ڪن، پاڪستاني ڪمپنين جي قطر ۾ موجودگي وچ اوڀر جي مارڪيٽ تائين بهتر رسائي ۾ مددگار ٿي??دي. چاهيون ٿا ته پاڪستاني انٽر پرينيورز قطر ۾ اچي فائونڊيش??ل ٽيڪنالاجي تي ڪم ڪن. آءِ ٽي واري م??لڪ??ي وزير شزه فاطمه چيو ته موجوده حڪومت انٽر پرينيورشپ ۽ انوويشن کي هٿي ڏيڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي. وزيراعظم شهباز شريف جو ڌيان نوجوانن جي جديد ٽيڪنالاجي ۾ ٽريننگ ۽ انهن جي صلاحيت وڌائڻ تي آهي. اسان جا نوجوان وڌيڪ صلاحيتن وارا آ??ن، پاڪستان ۽ قطر وچ ۾ اسٽارٽ اپس ايڪسچينج پروگرام شروع ڪري سگهجي ٿو، ان حوالي سان اگنائٽ ۽ قطر سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي پارڪ گڏجي ڪم ڪري سگهن ٿا. هن چيو ته اهو اهم آهي ته قطر ۾ پاڪستاني شاگردن کي قطر سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي پارڪ جو دورو ڪرايو وڃي. پاڪستان ۽ قطر ٽيڪنالاجي جي ميدان ۾ هڪٻئي جي تجربن مان فائدو کڻي سگهن ٿا. ملاقات ۾ آءِ ٽي جي ايڊيشنل سيڪريٽري عائشه حميرا مورياڻي به موجود هئي.