اسلام آباد – 04 – جولائي (اي پي پي) پاڪس??ان غزه جي ميڊيڪل جي شاگردن کي پاڪس??ان ۾ ميڊيڪل جي تعليم مڪمل ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته اهو فيصلو نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار جي هدايت تي پاڪس??ان ميڊيڪل ڪاليج اينڊ ڊينٽل ڪائونسل (??ي ايم ڊي سي) ڪيو آهي، ان سان غزه جا شاگرد پاڪس??ان ۾ انساني همدرديءَ جي بنياد تي پنهنجي ??بي تعليم جاري رکي سگهندا. هن چيو ته غزه سان تعلق رکندڙ فلسطيني شاگرد 20 کان 30 جي بئچن ۾ جلد ئي پاڪس??ان جي ميڊيڪل ڪاليجن ۾ شامل ٿيندا. ترجمان چيو ته ان فيصلي سان غزه جا شاگرد پاڪس??ان ۾ ڪارڊيالوجي، آرٿوپيڊڪس، آنڪولوجي، پيڊياٽرڪس ۽ سرجري جي شعبن ۾ پنهنجي ??بي تعليم مڪمل ڪري سگهندا ته جيئن غزه جي صحت جي سارسنڀال جي نظام ۾ اهم ضرورتن کي پورو ڪري سگهجي.