اسلام آباد-11 جون (اي پي پي)پاڪستان ۾ 31 مارچ 24ع تائين رجسٽرڊ ٽي وي سيٽ هولڊرز جو انگ 2 ??رو?? 51 لک 84719 آهي، پاڪستان ٽيليويزن جي ٻن پي ا??س ڊي پي رٿائن لاءِ مالي سال 24-2023ع ۾ 204.650 ملين رپيا مختص ڪيا ويا. جاري ڪيل پاڪستان اڪنامڪ سروي 24-2023ع مطابق پي ٽي وي واحد سرڪاري شعبي جو براڊ ڪاسٽنگ چينل آهي جيڪو ملڪ جي ڪنڊڪڙڇ خاص طور تي پٺتي پيل علائقن ۾ قومي ۽ عالمي پروگرام نشر ڪري رهيو آهي ته جيئن عوام کي ملڪ جي موجوده حالتن کان باخبر رکي سگهجي. پي ٽي عوام کي تفريح، تعليم، ڄاڻ ۽ راندين جي حوالي سان مختلف پروگرامن تائين رسائي فراهم ڪري ٿو ته جيئن عوام سماجي ۽ معاشي لحاظ ک??ن صورتحال بابت آگاهه رهي. هن وقت پي ٽي وي تحت پي ٽي وي هوم، پي ٽي وي نيوز، پي ٽي وي اسپورٽس، پي ٽي وي گلوبل، پي ٽي وي ن??شن??، پي ٽي وي بولان ۽ پي ٽي وي ورلڊ جون نشريات جاري آهن. پي ٽي وي ا??گلش نيوز چينل نه صرف پاڪستان پر عالمي سطح تي پاڪستان جي باري ۾ ڄاڻ فراهم ڪري ٿو. 31 مارچ 24ع دوران پي ٽي وي جي ٻن پي ا??س ڊي پي رٿائن لاءِ 204.650 ملين رپيا مختص ڪيا ويا. انهن رٿائن ۾ پي ٽي سي اڪيڊمي ۾ ن??شن?? فلم پروڊڪشن انسٽيٽيوٽ جو قيام ۽ چين جي سهڪار سان ڊجيٽل ٽيرسٽيريل ملٽي ميڊيا براڊ ڪاسٽنگ جو پائليٽ پراجيڪٽ شامل آهي. پي ٽي وي تحت مري، چراٽ ۽ـ ڪالا شاهه ڪاڪو ۾ ري براڊ ڪاسٽ اسٽيشن تي به ڪم جاري آهي جيڪو اپ گريڊيشن جي مرحلن ۾ آهي.