اسلام آباد -12 مئي (اي پي پي) وز??را??ظم محمد شهباز شريف آزاد ڄمون ڪشمير جي موجوده صورتحال تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي سمورين ڌرين تي زور ??ريو آهي، ته اهي پنهنجي مطالبن جي حل لاءِ پرامن رستو اختيار ڪن. وز??را??ظم ان ڳالهه تي زور ??ريو ته بحث مباحثو ۽ پرامن احتجاج جمهوريت جي خوبصورتي آهي، پر قانون کي پنهنجي هٿن ۾ کڻڻ ۽ سرڪاري ملڪيتن کي نقصان پهچائڻ کي برداشت نه ٿو ڪري سگهجي. هن ايڪس ٽائيم لائين تي پنهنجي پوسٽ ۾ چيو آهي، ته بدقسمتي سان افراتفري ۽ اختلاف راءِ جي صورتحال ۾ همي??ه ڪجهه ماڻهو اهڙا هوندا آهن، جيڪي فوري سياسي پوائنٽ اسڪورنگ شروع ڪري ڏيندا آهن. هن وز??را??ظم آزاد ڪشمير سان به ڳالهايو ۽ خطي ۾ مسلم ليگ (ن) جي سمورن عهديدارن کي هدايت ڪئي ته اهي ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن سان گڏجي پرامن حل تلاش ڪن. هن جو چوڻ هو ته مخالفن جي ڪوششن باوجود اميد آهي، ته معاملو جلد حل ٿي ويندو.