اسلام آباد – 06 مئي (اي پي پي) ناڻي ۽ محصول واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي، ته پاڪستان ۾ معيشت جي استحڪام لاءِ پرڏيهي سيڙپڪاري ضروري آهي، سعودي سيڙپڪارن جو پاڪستان جو دور?? ان ئي سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي، اهڙو اظهار هن پاڪستان سعودي عرب سيڙپڪاري فورم 2024?? کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته معيشت جي استحڪام لاءِ مختصر، وچولي ۽ ڊگهي عرصي وارين حڪمت عملين تي ڪم ڪيو پيو وڃي، جنهن سان ملڪي معيشت کي هٿي ملندي. حڪومت ڍانچا جاتي ۽ اق??صادي سڌارن تي ڪم ڪري رهي آهي، جنهن تي عملدرآمد لاءِ قدم به کنيا پيا وڃن. هن چيو ته توانائي جو شعبو تما?? گهڻي اهميت رکي ٿو ۽ ان اهم شعبي ۾ سڌارا جاري آهن. هن چيو ته زراعت ۾ 5 سيڪڙو اضافو ٿي رهيو آهي ۽ هلندڙ سال ڪڻڪ ۽ چانورن سميت وڏن فصلن جي سٺي پيداوار ٿي آهي، ڪرنٽ اڪائونٽ جي کاتن جو توازن سٺو رهيو، ان سان گڏوگڏ ايف بي آر جي اوڳاڙين ۾ هلندڙ سال رڪارڊ اضافو ٿيو آهي، مهانگائي گهٽجي 17 سيڪڙو تائين اچي وئي آهي، پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جا شيئرز به وڌي رهيا آهن. هن وزيراعظم شهباز شريف جي عالمي اق??صادي فورم ۾ شرڪت جو حوالو ڏيندي چيو ته سعودي عرب جو اهو هڪ ڪامياب دورو هو، جنهن سان ٻنهي ملڪن وچ ۾ اق??صادي سهڪار جون راهون وڌيڪ کلنديون. گذريل ٻن هفتن ۾ سعودي عرب ۽ پاڪستان وچ ۾ 3 اعليٰ سطحي وفدن جي ڏي وٺ ٿي آهي. هن چيو ته حڪومت هاڻي نجڪاري طرف وڌي رهي آهي ۽ پي آءِ اي جي پڻ ??جڪاري ڪئي ويندي. ان موقعي تي پيٽروليم واري وفاقي وزير مصدق ملڪ پنهنجي خطاب ۾ چيو ته سعودي عرب ۽ پاڪستان هڪٻئي جي ترقي ۾ شراڪتدار آهن ۽ اڄ سعودي عرب جي سيڙپڪارن ۽ واپارين جو پاڪستان جي معيشت ۾ تمام اهم ڪردار آهي.