اسلام آباد– 28 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته سوشل ميڊيا تي سڀ کان وڏو ??ئلينج جعلي خبرون آهن، صحافين کي سوشل ميڊيا تي تصديق جي عمل کي اختيار ڪرڻ گهرجي. اها ڳالهه هن برطانوي هاءِ ڪميشن ??ي پوليٽيڪل قو??صل?? مس زوئي ويئر سان ملاقات دوران ڳاله??ئي??دي چئي. مس زوئي ويئر مسلم ليگ (ن) کي حڪومت ٺاهڻ ۽ عطاءُ الله تارڙ کي اطلاعات واري وزارت جو قلمدان سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن، ميديا جي شعبن ۾ تعاون جي فروغ سميت مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي ??ٺ ٿي. اطلاعات واري وفاقي وزير ان موقعي تي ڳاله??ئي??دي چيو ته مس انفارميشن، ڊس انفارميشن ۽ فيڪ نيوز پوري دنيا جو مسئلو آهي ۽ ان تي ضابطو آڻڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته سوشل ميڊيا تي سڀ کان وڏو ??ئلينج جعلي خبرون آهن، صحافين کي سوشل ميڊيا تي تصديق جي عمل کي اختيار ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته سوشل ميڊيا بابت پوري دنيا کي گڏجي ضابطه اخلاق تيار ڪرڻو پوندو. ملاقات ۾ فلم ۽ ڊراما جي شعبن ۾ تعاون تي پڻ خيالن جي ڏي ??ٺ ٿي. مس زوئي ويئر پاڪستان ۽ برطانيا جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي فروغ جي لاءِ پنهنجي ڀرپور تعاون جو يقين ڏياريو.