اسلام آباد – 15 – جنوري (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني پرامن ۽ مستحڪم ا??غا??ستان جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪندي علائقائي استحڪام جي لاءِ تعاون وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. هن ايران جي ا??غا??ستان معاملن بابت خاص نمائندي حسن ڪاظمي قمي سان م??اقات ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان م??جب نگران پرڏيهي وزير پرامن ۽ مستحڪم خطي جو ويزن حاصل ڪرڻ جي لاءِ ا??غا??ستان جي پاڙيسري ملڪن جي اهم ڪردار تي پ?? زور ڏنو. ان کان اڳ هن ا??غا??ستان جي لاءِ پاڪستان جي خصوصي نمائندي آصف دراني سان ا??غا??ستان جي صورتحال ۽ امن امان ۽ ڳالهه ٻولهه جي لاءِ علائقائي عمل تي وسيع خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.