اسلام آباد – 10 – جنوري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته رياست شهيدن جي پونئيرن کي ڪڏهن به نه وساريندي، دهشتگرد جيتري قدر بزدلاڻيون ڪارروايون ڪندا انهن جي خلاف جنگ ۾ اوترو تيزي ايندي، دهشتگرد 24 ڪروڙ ماڻهن جي عزم کي هارائي نٿا سگهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران ??اري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت ۾ نگران وفاقي ڪابينا جي اجلاس دوران چئي. اجلاس ۾ باجوڙ ۾ پوليو ٽيم جي حفاظت تي مقرر پوليس اهلڪارن تي ح??لي جي شديد مذمت ۽ ان ??ي نتيجي ۾ شهيد ٿيندڙ پوليس اهلڪارن جي لاءِ فاتحه خواني ڪئي وئي ۽ انهن کي خراج عقيدت پيش ??يو ويو. نگران وزيراعظم چيو ته رياست شهيدن جي پونئيرن کي ڪڏهن به نه وساريندي. شهيد پوليس اهلڪارن اسان ??ي ايندڙ سڀاڻي لاءِ پنهنجو اڄ قربان ڪري ڇڏيو. هن چيو ته دهشتگرد جيتري قدر بزدلاڻيون ڪارروايون ڪندا انهن جي خلاف جنگ ۾ ايتري تيزي ايندي. دهشتگرد 24 ڪروڙ ماڻهن جي عزم کي هارائي نٿا سگهن. هن چيو ته پاڪستان مان پوليو جي مڪمل خاتمي تائين پوليو خاتمو مشن ڀرپور طريقي سان ??اري رهندو.