اسلام آباد – 04 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته بر??ل رسم الخط ڏسڻ کان محروم ماڻهن جي لاءِ خودمختياري، آزادي ۽ شموليت جي علامت آهي، بر??ل رسم الخط جي تعليم ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ برابر معاشري جي جوڙجڪ جي لاءِ اهم قدم آهي، عالمگير پهچ جي لاءِ متحد ٿيڻ ڪو اعزاز نه آهي پر اسان جي گڏيل عزم جو عڪاس آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي بر??ل رسم الخط جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پيغام ۾ چيو ته ڏسڻ کان محروم ماڻهن جي علم تائين پهچ بهتر بڻائڻ جي اهميت اجاگر ڪرڻ جي لاءِ بر??ل رسم الخط جو ڏينهن ملهايو پيو وڃي، بريل لمس تي ٻڌل رسم الخط کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ آهي، ڏسڻ کان محروم ماڻهن جي پهچ وڌائڻ طرف پاڪستان جي ترقي پسند ڪوششن کي ساراهيان ٿو، لوئس بريل جي ايجا??، ڏسڻ کان محروم ماڻهن جون زندگيون بدلايون. هن چيو ته پاڪستان بريل خواندگي ۽ پهچ وڌائڻ طرف ذڪر جوڳي عزم جو مظاهرو ڪيو آهي، پاڪستان عالمي ??طح تي مڃيل ڏسڻ کان محروم ماڻهن جي لاءِ مراڪش معاهدي جي توثيق ڪئي آهي، مراڪش معاهدي سان ڏسڻ کان محروم ماڻهن کي بر??ل رسم الخط، آڊيو ۽ وڏي پرنٽس ۾ لکين ڪتابن تائين پهچ ۾ مدد ملندي، تعليمي ادارن ۽ لائبريرين ۾ بر??ل رسم الخط کي شامل ڪرڻ جي لاءِ اهم قدم کنيا ويا، پاڪستان جامع ماحول جي لاءِ جديد تربيتي پروگرام شروع ڪيا آهن، بر??ل رسم الخط سان پاڪستان تعليم، ادب، تربيت ۽ بحالي جي موقعن تائين برابر پهچ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ اڻٿڪ عزم جو اظهار ڪري ٿو. هن چيو ته اڄ اسان معذور ماڻهن جي حقن جي فروغ جي عزم جو پڻ ورجاءُ ڪريون ٿا، يقين آهي ته گڏجي اسان اهڙي دنيا ٺاهي سهگون ٿا جتي رڪاوٽون ختم ٿين، سڀني کي اڳتي وڌڻ جا موقعا ملن.