ڊيره اسماعيل خان – 13 – ڊسمبر (اي پي پي) نگر??ن وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ڊيره اسماعيل خان ۾ ڪمبائنڊ ملٽري اسپتال جو دورو ڪيو ۽ گذريل ڏينهن جي بم ڌماڪي جي زخمين جي عيادت ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پا??ان جاري بيان موجب زخمي سيڪيورٽي اهلڪارن ۽ پاڪ فوج جي جوانن جي جذبي کي ساراهيندي نگر??ن وزيراعظم چيو ته اهڙي قوم جي فتح يقيني آهي جنهن جا اهڙا بهادر آفيسر ۽ فوجي جوان هجن جيڪي پنهنجي ملڪ جي حفاظت جي لاءِ پنهنجي ر?? جو نذرانو پيش ڪرڻ کان به نه ڪيٻائين. هن چيو ته پوري پاڪستاني قوم دهشتگردي جي لعنت جي خلاف شيهي جي ديوار وانگر بيٺل آهي ۽ الله رب العزت جي مدد ۽ عوام جي طاقت سان دهشتگردي کي هر شڪل ۽ روپ ۾ شڪست ڏيندي. نگر??ن وزيراعظم چيو ته پاڪستاني هڪ بهادر ۽ مضبوط قوم آهي ۽ اسان جي فوج دشمنن جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻائي انهن کي منهن ٽوڙ جواب ڏيندي. نگر??ن وفاقي گهرو وزير سرفراز بگٽي، خيبرپختونخواهه جو گورنر حاجي غلام علي ۽ خيبرپختونخواهه ج?? نگر??ن وڏو وزير جسٽس (ر) سيد ارشد حسين شاهه پڻ نگر??ن وزيراعظم سان گڏ هئا.