اسلام آباد – 26 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي جمهوريه ڪوريا ۽ پاڪستان جي سفا??تي لاڳاپن جا 40 سال مڪمل ٿيڻ تي ٻنهي ملڪن جي عوام کي مبارڪباد ڏيندي چيو آ??ي ته پاڪستان جمهوريه ڪوريا سان پنهنجي لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. جمهوريه ڪوريا جي سفارتخاني پاران پاڪستان ۽ ڏکڻ ڪوريا جي وچ ۾ سفا??تي لاڳاپن جا 40 سال مڪمل ٿيڻ تي منعقد تقريب ۾ شرڪت جي موقعي تي ڳالهائيندي اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چيو ته جمهوريه ڪوريا پنهنجي دورانديش ۽ پرعزم قيادت جي ڪري اقتصادي ۽ صنعتي شعبن ۾ ترقي جا هدف حاصل ڪيا. هن چيو ته پاڪستان ڏکڻ ڪوريا ??ي اقتصادي ۽ فني ترقي جي ڳولا ۾ هڪ قابل قدر اتحادي طور ڏسي ٿو. تقريب ۾ سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري، پرڏيهي سفارتڪارن سميت ٻ??ن اهم شخصيتن شرڪت ڪئي جڏهن ته ان موقعي تي پاڪستان ۽ جمهوريه ڪوريا جي 40 سالا سفا??تي لاڳاپن جي مناسبت سان ڪيڪ پڻ ڪاٽيو ويو.