اسلام آباد -18 سيپٽمبر (اي پي پي) ناڻي ۽ او??اڙ??ن واري نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر شمشاد اختر چيو ته پاڪستان آسٽريليا سان واپار ۽ سيڙپڪاري جي شعبي ۾ لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ جو خواهشمند آهي. هن اها ڳالهه پاڪستان ۾ آسٽريليا جي هاءِ ڪمشنر نيل هاڪنز سان ملاقات ۾ ڳالهائيندي چئي. ناڻي واري وزير آسٽريلوي هاءِ ڪمشنر جو پرجوش استقبال ڪيو. هن چيو ته آسٽريليا پاڪستان جو پراڻو دوست ملڪ آهي، ٻئي ملڪ مختلف ??عبن ۾ هڪ ٻئي س??ن سهڪار ڪري رهيا آهن. ناڻي واري وزير چيو ته پاڪستان آسٽريليا سان واپار ۽ سيڙپڪاري سميت مختلف ??عبن ۾ لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ جو خواهشمند آهي. ملاقات ۾ اهم ٻه طرفي ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ اقتصادي لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ جي طريقن جو به جائزو ورتو ويو.