اس??ام آباد – 12 – سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام ليبيا جي اتر اوڀر حصي ۾ شديد ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهي تي ليبيا جي عوام ۽ حڪومت سان دلي تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته ٻوڏ سان انساني جانين جي زيان ۽ زندهه بچي ويندڙن کي پهچندڙ تڪليفون انتهائي اف??وسناڪ آهن ۽ اسان هن مشڪل وقت ۾ ليبيا جي عوام سان يڪجهتي سان گڏ بيٺل آهيون. بيان موجب ليبيا ۾ پاڪستان جو سفارتخانو صورتحال جي ??گراني ڪري رهيو آهي ۽ ڪميونٽي جي ??مڪن مدد جي ??اءِ مقامي عملدارن سان رابطي ۾ آهي.