اسلام آباد – 01 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد ??هب??ز شريف سان چيف آف ن??ول اسٽاف امجد خان نيازي ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ پاڪ بحريه سان لاڳاپيل پيشيواراڻي معاملن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي ??ئي. ملاقات ۾ چيف آف ن??ول اسٽاف وزيراعظم کي پاڪ بحريه کي قومي سطح تي هٿيارن ۽ جنگي جهازن جي تياري جي حڪمت عملي کان آگاهه ڪيو. نيول چيف ان حڪمت عملي تحت پاڪست??ن کي دفاعي لحاظ کان پاڻمرادو بڻائڻ ۽ جديد ٽيڪنالاجي حاصل ڪرڻ جي حوالي سان جاري قدمن بابت به آگاهه ڪيو.