اسلام آباد – 19 – جولاءِ (اي پي پي) يوڪرين جو پرڏيهي وزير دمترو ڪوليبا 20 کان 21 جولاءِ تائين پاڪستان جو دورو ڪندو. پنهنجي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري ?? هو اسلام آباد ۾ وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪندو. پرڏيهي آفيس موجب پاڪستان يوڪرين جي وچ ۾ خاص طور ??ي واپار، سيڙپڪاري، زراعت ۽ اعليٰ تعليم جي شعبن ۾ ويجها ۽ خوشگوار لاڳاپا آهن. يوڪرين جي پرڏيهي وزير جو دورو 1993ع ۾ ٻنهي مل??ن جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپا قائم ٿيڻ کانپوءِ پهريون وزارتي دورو آهي. اميد آهي ته ان سان ٻنهي مل??ن جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن ??ي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۾ مدد ملندي.