اسلام آباد – 07 –جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف لاهور ۽ پنج??ب جي ٻين شهرن ۾ گذريل ڪجهه ڏينهن دوران چوماسي جي رڪارڊ برساتن جي ڪري پيدا ٿيندڙ صورتحال کي فوري طور تي م??هن ڏيڻ تي پنج??ب جي نگران وڏي وزير ۽ پنج??ب جي ٻين آفيسرن جي ڪارڪردگي کي ساراهيو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته لاهور ۽ پنج??ب جي ٻين شهرن ۾ گذريل ڪجهه ڏينهن دوران چوماسي جون رڪارڊ برساتون پيون. آئون وڏي وزير کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو جنهن تاريخي برساتن کانپوءِ صورتحال کي م??هن ڏيڻ ۾ سڀ کان ا??تي وڌي قيادت ڪئي. هن چيف سيڪريٽري پنجاب، ڪمشنر لاهور، ايم ڊي واسا ۽ ٻين سرڪاري آفيسرن جي ان مشڪل وقت ۾ عوامي خدمت جي لاءِ لڳاءُ ۽ عزم کي پڻ ساراهيو.