ٽوڪيو – 03 –جولاءِ (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ٽوڪيو ۾ ج??پاني وزيراعظم فوميو ڪيشيڊا سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب پرڏيهي وزير جي سرڪاري دوري جي موقعي تي ٿيندڙ ملاقات ۾ هن جاپاني وزيراعظم جي لاءِ پاڪستاني حڪومت ۽ عوام پاران ??يڪ خواهشن جو اظهار ڪيو، ٻنهي اڳواڻن ملاقات ۾ مختلف شعبن ۾ رابطن ۽ تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. ان کان اڳ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي جاپاني هم منصب يوشيماسا حياشي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪيو. بلاول ڀٽو زرداري پهرين ??ولاءِ کان 4 جولاءِ تائين ??اپان جو چئن ڏينهن جو سرڪاري دورو ڪري رهيو آهي.