رياض -26 جون (اي پي پي) سعودي پريس ??يج??سي (ايس پي اي) اردو سان گڏوگڏ پاڪستان جي علائقائي ٻولين ۾ به ميڊيا پيغام شايع ۽ نشر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جنهن جو مقصد حاجين تائين درست ۽ مستند معلومات سندن پنهنجي ٻولي ۾ فراهم ڪرڻ ۽ سعودي حڪومت جي قدمن ۽ خدمتن جي حوا??ي سان آگاهي پيدا ڪرڻ آهي. سعودي قيادت طرفان عالمي خابرو ??يج??س??ن سان شراڪتداري تحت سعودي خابرو ??يج??سي (ايس پي اي) اردو کان علاوه پاڪستان جي علائقائي ٻول??ن سنڌي، بلوچي ۽ پشتو کي به انهن ٻولين ۾ شامل ڪيو ويو آهي جنهن ذريعي حاجين کي معلومات ۽ آگاهي فراهم ڪئي ويندي. ايس پي اي ان کان اڳ عربي، انگريزي، فرانسيسي، روسي، چيني، فارسي، ڀاشا، ملائي، تامل ۽ هسپانوي ٻول??ن سميت مختلف عالمي ۽ علائقائي ٻولين ۾ ميڊيا مواد جاري ڪري رهي آهي.