اسلام آباد – 08 جون (اي پي پي) مجموعي ملڪي قرضن جو ڳاڻيٽو مالي سال جي پهرين 9 مهينن جي پڄاڻي تائين 59247 ارب روپيا رڪارڊ ڪيو ويو، حڪومت 5541 م??ين ڊالر عالمي ڪمرشل قرض واپس ڪيا جنهن ۾ 4541 م??ين ڊالر بئنڪن ۽ هڪ ارب ڊالر عالمي سڪوڪ بانڊز جي مد ۾ ادا ڪيا ويا. قومي اقتصادي سروي 23 -2022ع موجب ملڪي قرض/اندروني قرض جو ڳاڻيٽو 35076 ارب روپيا جڏهن ته پرڏيهي قرض 24171 ارب روپيا 85.2 ارب ڊالر جي سطح تي آهي. مالياتي خساري کي پورو ڪرڻ ۽ قرضن جي ادائيگين لاءِ حڪومت ??گهي مدي واري ملڪي قرضن تي ڀاڙي رهي آهي. حڪومت طرفان 527 ارب روپين جي ٽريزري بلز جي ادائيگي سان ننڍي مدي واري قرضن جي ڳاڻٽي ۾ خاطر خواهه گهٽتائي آئي آهي. حڪومت قرضن جي مد ۾ اسٽيٽ بئنڪ کي 310 ارب روپين جي ادائيگي ڪئي. جولاءِ 2019ع کان هن وقت تائين حڪومت 2 هزار روپيا قرضن جي مد ۾ اسٽيٽ بئنڪ کي ادا ڪيا. اقتصادي سروي موجب ٻاهرين قرضن جي مد ۾ آءِ ايم ايف جي ستين ۽ اٺين جائزي تحت 1166 م??ين ڊالر ??صول ڪيا. ايشيائي ترقياتي بئنڪ کان 1500 م??ين ڊالر ۽ ايشين انفرااسٽرڪچر ڊولپمينٽ بئنڪ کان 500 م??ين ڊالر ??صول ٿيا. ان کانسواءِ پرڏيهي ڪمرشل بئنڪن کان 1900 م??ين ڊالرن جو قرض به ري فنانس ٿيو. حڪومت ??ين طرفان 3 ارب ۽ سعودي عرب طرفان به 3 ارب ڊالر رول اوور ڪرايا جيڪي بجيٽ سپورٽ لاءِ استعمال ۾ آندا ويا. سعودي عرب طرفان 900 م??ين ڊالر تيل جي صورت ۾ ڏنا ويا. حڪومت 5541 م??ين ڊالر عالمي ڪمرشل قرض واپس ڪيا جنهن ۾4541 م??ين ڊالر بئنڪن ۽ 1000 م??ين ڊالر عالمي سڪوڪ بانڊز جي مد ۾ ادا ڪيا آهن.