اسلام آباد – 23 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پا??ستان کي ??وجوده مشڪلاتن مان ڪڍڻ جي لاءِ قومي ترجيحن تي نظرثاني ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ملڪ کي سماجي، اقتصادي ۽ سياسي مشڪلاتن مان ڪڍڻ جي لاءِ قومي ترجيحن تي نظرثاني لازمي آهي، ??مو??ن ادارن جي قيادت جي ذميواري آهي ته اهي وڏن چئلينجن کي ??نهن ڏيڻ تي ڌيان ڏين. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار سينيئر آفيسرز ليڊرشپ ڪورس جي شرڪت ڪندڙن سان ڳالهائيندي ڪيو جن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر چيو ته صحت ۽ تعليم جي سهولتن جي فراهمي ۽ معاشري مان اڻبرابري جي خاتمي جا وڏا چئلينجز درپيش آهن، غربت تي ضابطو آڻڻ، معيشت جي بهتري، آبادي ۾ اضافي کي روڪڻ تي ڌيان ڏيڻو پوندو. صدر م??ڪ ۾ درگذر ۽ انسانيت سان محبت جي جذبي کي ??روغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته 9 مئي تي ٿيندڙ واقعن سان شديد تڪليف پهتي، ماضي ۾ فيصلاسازي ۾ دير م??ڪي ترقي کي روڪيو. هن چيو ته پا??ستان کي دنيا ۾ ٿيندڙ تبديلين سان هم آهنگ رهڻ جي لاءِ تيز رفتار فيصلا ڪرڻ جي ضرورت آهي، آءِ ٽي، مصنوعي ذهانت ۽ سائبر سيڪيورٽي جي شعبن ۾ ترقي جي لاءِ نوجوانن جي تعليم ۽ هنرمندي تي سيڙپڪاري ڪرڻي پوندي. صدر چيو ته ملڪ ۽ عوام کي سائبر خطرن کان بچائڻ جي لاءِ پا??ستان کي ??نهنجي سائبر صلاحيتن کي ??ضبوط بڻائڻ تي ڌيان ڏيڻ گهرجي، غربت جي خاتمي ۽ سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ تعليم ۽ صحت مرڪزي ٿنڀ آهي. ڊاڪٽر عارف علوي عوام کي ??عياري تعليم ۽ صحت جون خدمتون فراهم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چيو ته پا??ستان ۾ اٽڪل 2 ڪروڙ 70 لک ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن جيڪا افسوس جوڳي ڳالهه آهي. هن چيو ته تعليمي شعبي ۾ بنيادي ڍانچي جي ترقي کانسواءِ آن لائين تعليم اختيار ڪري ٻارن کي تعليم ڏئي سگهجي ٿي.