اسلام آباد – 17 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري س??ن پاڪستان ۾ عراق جي سفير حامد عباس لفتا ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ملاقات ۾ پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستا?? ۽ ??راق جي وچ ۾ ??هر?? ڀائراڻا لاڳاپا مذهب ۽ گڏيل قدرن تي ٻڌل آهن. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گهڻ رخي شعبن ۾ تعاو?? ۽ ??عليٰ سطح جي مٽاسٽا ٻطرفن لاڳاپن جو حصو آهي. هن چيو ته پاڪستان مشڪل جي هر گهڙيءَ ۾ عراقي ڀينرن ڀائرن سان گڏ بيٺل رهيو آهي. عراقي سفير حامد عباس لفتا ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ عراقي پرڏيهي وزير پار??ن پرڏيهي وزير کي عراق جي دوري جي دعوت پڻ ڏني. هن مسلسل تعاو?? ۽ ??مايت تي پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام جا ٿورا مڃيا.