لنڊن – 05 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ دولت مشترڪه جي سيڪريٽري جنرل پيٽريشيا اسڪاٽ لينڊ جي وچ ۾ ملاقات ٿي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب جي ٽوئيٽ موجب ملاقات دولت مشترڪه جي نئين سربراهه ڪنگ چارلس ٽي جي آجيان ڪرڻ جي لاءِ لنڊن ۾ منعقد دولت مشترڪه جي اڳواڻن جي تقريب جي م??قعي تي ٿي. ملاقات ۾ وزيراعظم سيڪريٽري جنرل ??ي خاطري ڪرائي ته پاڪستان سيڪريٽري جنرل ۽ ميمبر ملڪن سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو خواهشمند آهي ته جيئن تنظيم کي ماحولياتي تبديلي ۽ نوجوانن جي ڪردار کي وڌائڻ جهڙن شعبن ۾ وڌيڪ موثر بڻائي سگهجي. وزيراعظم ان موقعي تي چيو ته پاڪستان ڏهين ڪامن و??لٿ وزارتي اجلاس جي م??زباني ڪندو. اهو اجلاس پاڪستان ۾ غيرمعمولي ٻوڏ جي ڪري م??توي ڪيو ويو هو، ٻوڏ سان پاڪستان جي معيشت ۽ انفراسٽر??چر کي شديد نقصان پهتو هو. وزيراعظم سيڪريٽري جنرل کي پاڪستان جي باضابطا دوري جي پڻ دعوت ڏني. دولت مشترڪه جي سيڪريٽري جنرل جلد پاڪستان جو دورو ڪرڻ جي خاطري ڪرائي.