اسلام آباد – 24 – اپريل (اي پي پي) گهرو ويڙهه جي شڪار سوڊان مان پ??ڪستانين جي محفوظ انخلا جي عمل جي شروعات ٿي وئي. پرڏيهي آفيس موجب 500 پاڪستانين تي ٻڌل پهريون قافلو خرطوم مان نڪري سوڊان جي بندرگاهه پهچي ويو آهي جيڪو سامونڊي رستي ذريعي جده وي??دو. جده مان پ??ڪستان انٽرنيشنل ايئر لائين ۽ پاڪ فضائيه جي معاونت سان پ??ڪستانين کي وطن واپس آندو وي??دو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي هدايت تي ڦاٿل پاڪستانين جي عارضي رهائش ۽ خوراڪ جا انتظام پڻ ڪيا ويا آهن. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي هدايت تي سوڊان ۾ پاڪستاني سفارتخاني ۾ هنگامي رابطي جي لاءِ هيلپ لائين پڻ قائم ڪئي وئي آهي. پرڏيهي وزير جي هدايت تي پاڪستاني سفارتخاني جا عملدار ڦاٿل پاڪستانين سان مسلسل رابطي ۾ آهن. بلاول ڀٽو زرداري لاڳاپيل عملدارن کي سوڊان مان پ??ڪستانين جي انخلا جي عمل کي فوري طور تي محفوظ طور تي سرانجام ڏيڻ جي هدايت ڪئي آهي. پرڏيهي وزير پاڪستانين جي محفوظ انخلا کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ پرڏيهي وزارت ۾ ڪرائيسز مئنيجمينٽ سيل کي متحرڪ ڪري ڇڏيو آهي. بلاول ڀٽو زرداري کي سوڊان ۾ ڦاٿل پاڪستانين جي حفاظت سان واپسي بابت پرڏيهي وزارت جي عملدارن پ??ران روزانو بريفنگ ڏني پئي وڃي. پرڏيهي وز??ر سوڊان مان پ??ڪستانين جي انخلا کي ممڪن بڻائڻ جي آپ??يش?? ۾ حصو وٺندڙن کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. گهرو ويڙهه جي شڪار سوڊان ۾ سوين پ??ڪستانين جي انخلا جي معاملي تي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري عيد جي ڏينهن ۾ متحرڪ رهيو. بلاول ڀٽو زرداري سوڊان مان پ??ڪستانين جي حفاظت سان انخلا جي حوالي سان سعودي عرب ۾ پنهنجي هم منصب سان پڻ رابطي ۾ رهيو. پرڏيهي آفيس موجب پرڏيهي وز??ر سوڊان مان پ??ڪستانين جي حفاظت سان انخلا جي حوالي سان مدد تي ترڪيه ۽ مصر جي حڪومتن جا پڻ ٿورا مڃيا.