لاڙڪاڻو- 24 – اپريل (اي پي پي) پرڏيهي وزير ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ بي بي آص??ه ڀٽو زرداري ڳڙهي خدابخش ۾ جمهوريت جي شهيدن جي مز??رن تي حاضري ڏني. هنن اڳوڻي وزيراعظم شهيد محترمه بينظير ڀٽو، قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، مادر جمهوريت محترمه بيگم نصرت ڀٽو، شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو ۽ شهيد مير شاهن??از ڀٽو جي مز??رن تي فاتحه خواني ڪئي ۽ گلن جو چادرون چاڙهيون. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ بي بي آص??ه ڀٽو زرداري 18 آڪٽوبر 2007ع جي گمنام 20 شهيدن جي قبرن تي به ح??ضري ڏني. واضح رهي ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو 2007ع ۾ ڪارساز سانحي جي گمنام شهيدن کي ”آئون ڀٽو آهيان“ جي سڃاڻپ سان ڳڙهي خدابخش ۾ دفن ڪيو.