اسلام آباد – 08 – ??يبروري (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت پاڪستاني نوجوانن کي روزگار جي لاءِ قرضن جي وقت سر فراهمي يقيني بڻائي رهي آهي، تازو ئي حڪومت پاران يوٿ لون اسڪيم جاري ڪرڻ سان ملڪ ۾ لکين باصلاحيت نوجوان فائدو کڻي رهيا آهن، اخوت جي ملڪ ۾ بنا وياج قرضن جي فراهمي کي قدر جي نگاهه سان ڏسون ٿا. وزيرا??ظم آفي?? جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن اخوت جي باني امجد ثاقب سان ملاقات دوران ڪيو جنهن ڪالهه اربع ڏينهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ امجد ثاقب وزيرا??ظم ??ي يوٿ پروگرام ۾ نوجوانن کي روزگار جي لاءِ آسان شرطن تي قرضن جي فراهمي تي خراج تحسين پيش ڪيو. هن وزيرا??ظم کي اخوت پاران ٻوڏ سٽيلن کي بنا وياج قرضن جي فراهمي جي حوالي سان پڻ تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو.