اسلام آباد– 02 – فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر اڄ جمعي کان سريلن??ا جي گادي واري شهر ڪولمبو جو ٻن ڏينهن جو دورو ڪندي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان م??جب پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير سريلن??ا جي 75 هين آزادي جي ڏهاڙي ۾ خاص مهمان جي حيثيت سان شرڪت ڪندي. آزادي جي ڏهاڙي جي تقريبن ۾ شرڪت کانسواءِ هو پنهنجي هم منصب سميت سريلن??ا جي قيادت سان م??اقات ڪندي. ترجمان چيو ته پاڪستان ۽ سريلن??ا جي وچ ۾ تاريخي لاڳاپا آهن، جيڪي ٻطرفي تعاون جي سڀني رخن ۾ اڳتي وڌي رهيا آهن. هن چيو ته ٻنهي ملڪن سارڪ سميت گهڻ رخي فورمز ۾ به گڏجي ڪم ڪيو آهي. مملڪتي وزير حنا رباني کر جو سريلن??ا جو دورو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اف??ام تفهيم کي وڌائڻ ۾ مددگار ثاب?? ٿيندو ۽ مشڪل وقت ۾ سريلن??ا جي لاءِ پاڪستان جي حمايت جو پيغام ڏيندو.