خيرپور – 21 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ٻوڏ کان متا??ر علائقن مان پاڻي ڪڍڻ جي لاءِ قدمن ۽ متاثرين جي بحالي جي عمل کي تيز ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته هي هڪ قومي خدمت آهي ۽ قومي خدمت جي جذبي سان ئي ڪم ڪرڻو پوندو. وزيراعظم خيرپور ۽ ڪوٽڏيجي تعلقي جي ٻو?? متاثر ڳوٺ پير گڊو جو هڪ ڏي??هن جو دورو ڪيو. وزيراعظم متا??ر علائقن جو فضائي جائزو پڻ ورتو. وزيراعظم شهباز شريف کي اڏام دوران اين ڊي ??يم اي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر ملڪ بريفنگ ڏني. اين ڊي ??يم اي چيئرمين وزيراعظم کي متا??ر علائقن مان ٻوڏ واري پاڻي کي ڪڍڻ ۽ بحالي جي ڪاررواين کان آگاهه ڪيو. وزيراعظم متا??ر علائقن مان ٻوڏ وارو پاڻي ڪڍڻ جي لاءِ قدم تيز ڪرڻ، اضافي مشينري، افرادي قوت ۽ وسيلا استعمال ۾ آڻڻ ۽ سرديءَ جي اچڻ جي ڪري متاثرين جي بحالي جي عمل کي وڌيڪ تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم اين ڊي ??يم اي ۽ ٻين ادارن جي ڪارڪردگي کي ساراهيو ۽ چيو ته ص??بائي حڪومتن ۽ ادارن جي ٻو?? متا??ر علائقن ۾ ڏي??هن رات جي ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن. وزيراعظم چيو ته هي هڪ قومي خدمت آهي، قومي خدمت جي جذبي سان ئي ڪم ڪرڻو پوندو.