اسلام آباد – 09 – ڊسمبر (اي پي پي) وز??را??ظم محمد شهباز شريف چيو ته سرديءَ جي موسم ۾ ٻوڏ متاثر بي گهر ماڻ??ن کي ڇت فراهم ڪرڻ سڀ کان وڏو چئلينج آهي، سرندي وارا ماڻهو وڌي چڙهي ان ڪم ۾ حڪومت جو ساٿ ڏين. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وز??را??ظم چيو ته وقت گذرڻ سان گڏوگڏ ٻوڏ متاثرين جي مشڪلاتن ۾ وڌيڪ اضافو ٿي رهيو آهي ۽ هلندڙ سرديءَ ۾ بي گهر ماڻ??ن کي ڇت فراهم ڪرڻ هڪ وڏو چئلينج آهي. وز??را??ظم مينزيز ايوي ايشن گروپ ۽ الفسپارز گروپ پاران ٽانڪ ۾ متاثرين جي ??اء?? سئو گهرن جي عطيي تي انهن جا ٿورا مڃ??ند?? چيو ته حڪومت ٻوڏ متاثرين جي بحالي ۽ ان??ن کي هلندڙ سرديءَ جي موسم ۾ ڇت جي فراهمي جي ??اء?? ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهي آهي. وز??را??ظم ملڪ جي سرندي وارن ماڻ??ن کي اپيل ڪئي ته اهي ان ڪم ۾ وڌي چڙهي حڪومت جي مدد ڪن، اسان کي هن مشڪل وقت ۾ پنهنجي ڀينرن ڀائرن، ٻارن ۽ بزرگن کي اڪيلو نه ڇڏڻ گهرجي.