اسلام آب??د – 08 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته معذ??ر ماڻهن سان ڪو به امتيازي سلوڪ، روڪ، بي عزتي يا دقيانوسي رويو انتهائي مذمت جوڳو آهي، معذ??ر ماڻهو ذهني طور تي ايترا ئي قابل هوندا آهن جيترا ٻيا انسان آهن، بحيثيت معاشرو اسان کي معذ??ر ماڻهن بابت پنهنجي روين کي بدلائڻ گهرجي ۽ زندگي جي سمورن شعبن ۾ جامعيت پيدا ڪرڻ گهرجي، عوامي جاين ۽ عمارتن جي ڪنهن به حصي ۾ انهن جي چرپر ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ گهرجي، انهن کي هنر فراهم ڪرڻ ۽ نوڪرين جا موقعا پيد ڪرڻ گهرجن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ معذ??ر ماڻهن جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ خاتون اول بيگم ثمينه عارف علوي، ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن (ڊبليو ايڇ او) جي نمائندن، معذ??ر ماڻهن، مختلف ملڪن جي سفيرن ۽ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي خطاب ڪندي صدر چيو ته معذ??ر ماڻهن خيرات جي بنياد تي نه پر برابر صلاحيتن وارن ماڻهن طور نوڪريون ڏيڻ گهرجن ۽ انهن ??ي ادارن جو ڪارائتو ميمبر بڻائڻ جي لاءِ خصوصي طور تي جوڙيل نوڪريون ۽ اوزار فراهم ڪيا وڃن. هن چيو ته معذ??ر ماڻهن کي تعليم جي فراهمي جي لاءِ سمورا ضروري قدم کنيا وڃن ۽ انهن کي قومي، صوبائي ۽ مقامي سطح تي انهن جي چرپر ۽ شموليت جي راهه ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ جي لاءِ اوزار ۽ معاون ٽيڪنالاجي فراهم ڪئي وڃي، ان کانسواءِ انهن کي عزت، وقار ۽ قابليت موجب نوڪريون ڏنيون وڃن. هن چيو ته اسان هيستائين نظرانداز ڪيل 10 سيڪڙو آب??دي کي معاشري جي پيداواري ۽ ڪارائتي ماڻهن ۾ تبديل ڪري سگهون ٿا ۽ انهن ??ي ان قابل بڻائي سگهون ٿا ته اه?? پنهنجي قوم جي تعمير ۾ پنهنجو حصو وجهي سگهن. هن چيو ته معذ??ر ماڻهن بابت معاشري ۾ دقيانوسي تصور هئا ۽ انهن کي توهين کي پڻ منهن ڏيڻو پوندو هو جنهن سان امتيازي سلوڪ ۽ نفرت کي فروغ مليو ۽ معز??ر ماڻهن کي روزاني جي سماجي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ جي حوصلا شڪني ٿي. هن چيو ته معذ??ر ماڻهن کي خراب نالن سان سڏڻ ۽ انهن بابت دقيانوسي تصورن کي ختم ڪيو وڃي ۽ اسان جي معاشري کي جامع بڻائڻ جي لاءِ گڏيل رويي ۾ تبديلي جي ضرورت آهي جيڪو ملڪ جي ترقي جي لاءِ ضروري آهي. صدر چيو ته بئنڪ هاڻي معذ??ر ماڻهن کي خصوصي قرض ڏئي رهيون آهن ته جيئن اهي گهر ۾ رهي ڪاروبار ڪري سگهن ۽ مختلف آن لائين مارڪيٽنگ پليٽ فارمز تي انهن جي مارڪيٽنگ ڪري سگهن. هن چيو ته اهو اسان جو فرض آهي ته اسان ميديا جي ذريعي والدين ۽ معذ??ر ماڻهن جي وچ ۾ آگاهي پيدا ڪريون ته جيئن اهي انهن قرضن مان فائدو کڻي سگهن ۽ پنهنجي زندگي ۾ مالي ۽ معاشي طور تي خودمختيار بڻجن. ان کان اڳ بيگم ثمينه عارف علو?? پنهنجي خطاب ۾ چيو ته ڊسمبر جو پورو مهينو معاشري جي سمورين سطحن ۽ ادارن جي سرڪاري ۽ نجي شعبن ۾ معذ??ر ماڻهن جي حقن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ وقف آهي. هن چيو ته اکين کان محروم سمورن ماڻهن ??ي انهن جي چرپر ۾ مدد جي لاءِ سفيد ڇڙي فراهم ڪئي ويندي. هن چيو ته جيتوڻيڪ سرڪاري ۽ پرائيويٽ ادارن ۾ معذ??ر ماڻهن جي لاءِ هڪ مقرر ڪوٽا هئي جڏهن ته اها ڪوٽا يا ته پوري نه ڪئي وئي يا معذ??ر ماڻهن کي خيراتي طور تي نوڪريون ڏنيون ويون. هن چيو ته اهڙيون نوڪريون پيدا ڪرڻ گهرجن جيڪي معز??ر ماڻهن جي اهليت موجب هجن ۽ انهن کي پوري صلاحيت موجب ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪرڻ ۾ سهولت فراهم ڪن.