اسلام آباد– 18 – نومبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمي?? ۽ ??رڏيهي وزير بلاول ڀ??و زرداري سان وزيراعظم جي خاص معاو?? ۽ ??اڪستان پيپلزپارٽي جي اطلاعات سيڪريٽري فيصل ڪريم ڪ??ڊي ملاقات ڪري، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام (بي آءِ ايس پي) جي حوالي سان بريفنگ ڏني. ان موقعي تي قومي اسيمبلي ميمبر حسن طارق، نديم افضل چن ۽ آصف بشير ڀاڳت پڻ موجود هئا. پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀ??و زرداري فيصل ڪريم ڪ??ڊي کي هدايت ڪئي ته هو سڄي ملڪ ۾ غريب ۽ مستحق عورتن جي امداد جي لاءِ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام کي وڌيڪ متحرڪ ڪري. پيپلزپارٽي جي چيئرمين چيو ته غربت جي خاتمي لاءِ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام موثر ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. ان پروگرام جي سمورن شعبن کي متحرڪ ڪيو وڃي.