اسلام آباد ??? 29 – نومبر (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري مملڪ??ي وزير حنا رباني کر هڪ ڏينهن جي دوري تي افغانستان جي ??ادي واري شهر ڪابل پهچي وئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب افغانستان جي معيشت واري نائب وزير عبداللطيف نظاري ۽ ڪابل ۾ پاڪستاني سفارتخاني جي هي?? آف مشن عبيدالله رحمان ڪابل پهچڻ تي پرڏيهي معاملن واري مملڪ??ي وزير حنا رباني کر جي آجيان ڪئي. پرڏيهي معاملن واري مملڪ??ي وزير حنا رباني کر دوري دوران افغانستان جي عبوري حڪومت جي پرڏيهي وزير امير خان متقي سان سياسي معاملن تي مشاورت ڪندي. ڳالهه ٻولهه ۾ تعليم، واپار ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ تعاون، علائقائي رابطن، عوامي رابطن ۽ علائقائي سلامتي بابت معاملن سميت ٻطرفن لاڳاپن تي پڻ خيالن جي ??ي وٺ ڪئي ويندي. مملڪ??ي وزير افغانستان ۾ امن کي مضبوط بڻائڻ ۽ خوشحالي کي وڌائڻ جي لاءِ پاڪستان جي مسلسل عزم ۽ حمايت کي به ورجائيندي.