ڪراچي- 25 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌ حڪومت جون امدادي سرگرم??ون جاري آهن. گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 28180 خ??ند??نن کي راشن ??يگس ۽ 11500 متاثرن ۾ ڪمبل ورهايا ويا آهن. هن ريليف آپريشنز جي حوالي سان تفصيل جاري ڪندي چيو ته دادو ۾ 3518 خ??ند??نن ۾ راشن ??ا ٿيلها ورهايا ويا. اهڙي طرح مٽياري ۾ 2244، شهيد بينظيرآباد ۾ 1558، نوشهروفيروز 2503، عمرڪوٽ 1990، قم??ر شهدادڪوٽ ۾ 2211، ڪشمور 1700، لاڙڪاڻو 4719، خيرپور ميرس 2827، سانگهڙ 2768 ۽ ميرپورخاص ۾ 2172 خ??ند??نن کي راشن ??ا ٿيلها فراهم ڪيا ويا. مجموعي طور تي 1958925 خ??ند??نن ۾ راشن ??ا ٿيلها ورهايا ويا آهن. امدادي سرگرمين جي شروعات کان وٺي هن وقت تائين متاثرن کي 662522 خيما، 545012 پلاسٽڪ ترپال، 3423192 مڇردانيون، 804811 ليٽر منرل واٽر، 199006 پڪل کاڌي جون ديڳ??ون ۽ ٻيو سامان فراهم ڪيو ويو آهي. صوبائي وزير چيو ته گذريل 72 ڪلاڪن ۾ 126541 متاثر ريليف ڪيمپس مان پنهنجي گهرن ڏانهن واپس وڃي چڪا آهن. هن وقت ڪيمپن ۾ 68711 متاثر ترسيل آهن، جنهن ۾ 16575 ٻار ۽ 10874 عورتون شامل آهن. هن چيو ته ريليف ڪيمپن ۾ متاثرن کي ٻن وقتن جو کاڌو ۽ علاج جون سهولتون فراهم ڪ??ون پ??ون وڃن.