آستانه – 12 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ آذربائيج??ن جي وچ ۾ توانائي جي شعبي ۾ ويجهي تعاون کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته توانائي جو شعبو موجوده حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي جڏهن ته وزيراعظم ۽ آذربائيج??ن جي صدر ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ توانائي جي شعبي ۾ تعاون جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ۾ تيزي آڻڻ تي اتفاق ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پار??ن جاري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سيڪا ڪانفرنس جي ڇهين سربراهي اجلاس جي موقعي تي آذربائيج??ن جي صدر الهام عليوف سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن واپار، سيڙپڪاري، تعليم، انفارميشن ٽيڪنالاجي، سيڪيورٽي، زراعت، رابطي ۽ توانائي جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي لاءِ ويجهي ۽ خوشگوار ٻطرفن لاڳاپن جو جائزو ورتو. ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم شهباز شريف صدر عليوف کي پاڪستان ۾ ٻوڏ کان متاثر لکين ماڻهن جي بحالي ۽ غيرمعمولي موسمياتي تبديلي جي ڪري قدرتي آفتن سان تباهه ٿيندڙ انهن جي روزگار جي بحالي لاءِ حڪومتي ڪوششن کان پڻ آگاهه ڪيو. وزيراعظم چيو ته ٻوڏ سان بيٺل فصل کي پهچندڙ نقصان ۽ ايندڙ ڪٽائي جي موسم ۾ پوکيءَ نه ٿيڻ سان ملڪ ۾ خوراڪ جي کوٽ جو خطرو وڌي ويو آهي، ان خطري کان بچڻ ۽ ملڪ ۾ زرعي پيداوار کي بحال ڪرڻ جي لاءِ يوريا جي درآمد ضروري هئي. آذربائيج??ن جي صدر ان ڏس ۾ پنهنجي مڪمل تعاون جي ??اط??ي ڪرائي. وزيراعظم شهباز شريف ڄمون ۽ ڪشمير تي آذربائيج??ن جي ٺوس موقف ۽ ڄمون ۽ ڪشمير تي او آءِ سي رابطا گروپ جي ميمبر طور ??ن جي اڻٿڪ ڪردار کي ساراهيو. هن اڳوڻي نگورنو ڪاراباغ تي آذربائيجان سان پاڪست??ن جي اصولي حمايت کي ورجايو ۽ ڏکڻ قفقاز ۾ ڊگهي مدي ۽ پائيدار امن آڻڻ جي لاءِ ص??ر الهام عليوف جي ڪوششن کي ساراهيو. ٻنهي اڳواڻن گڏيل ڪارائتي تعاون جي مختلف شعبن ۾ ٻطرفي مصروفيتن کي تيز ۽ گهرو ڪرڻ جي پنهنجي عزم کي ورجايو ۽ رابطي، واپار ۽ سيڙپڪاري کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ جاري مختلف قدمن جي اڳڀرائي جو جائزوورتو. وزيراعظم توانائي جي شعبي ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ويجهي تعاون کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو جيڪو ??ن جي حڪومت جي لاءِ هڪ اعليٰ ترجيحي شعبو آهي. وزيراعظم پيٽروليم واري مملڪتي وزير کي آذربائيجان ۽ پاڪست??ن جي وچ ۾ ٻطرفي توانائي تعاون جي لاءِ فوڪل پرسن نامزد ڪيو آهي جنهن گذريل مهيني باڪو جو دورو ڪيو. ٻنهي اڳواڻن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ توانائي جي شعبي ۾ تعاون تي ڳالهه ٻولهه ۾ تيزي آڻڻ تي اتفاق ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف علائقائي رابطن کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ سربراهي سطح تي مشاورت جي تجويز پيش ڪئي جنهن جو مثبت جواب ڏنو وي??. س??پٽمبر 2022ع ۾ ثمرقند، ازبڪستان ۾ شنگهائي تعاو?? تنظيم کانپوءِ ٻنهي اڳواڻن جي هي ٻي ملاقات هئي جنهن پاڪستان ۽ آذربائيج??ن جي وچ ۾ هم آهنگي جي عظيم روايت کي برقرار رکندي گهڻ رخي اقتصادي رابطن ۽ تعاون کي متحرڪ ڪرڻ جو هڪ ٻيو نتيجاخيز موقعو فراهم ڪيو.