اسلام آباد – 14 – سيپٽمبر (اي پي پي) موسمياتي تبديلي واري وفاقي وزير سينيٽر شيري رحمان چيو آهي ته دنيا ۾ موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ جي لاءِ موثر قدم کڻڻ جي ضرورت آهي، پاڪستان ان ڏس ۾ پن??نجي پوري ڪوشش ڪري رهيو آهي، عا??مي حدت عا??مگير مسئلو آهي جنهن ۾ پاڪستان جو حصو هڪ سيڪڙو کان به گهٽ آهي، پاڪستان ??ن وقت تاريخ جي بدترين ٻوڏ مان گذري رهيو آهي جتي ان جي انفراسٽرڪچر کي وڏي پئماني تي نقصان ??هتو آهي. بين الپارلياماني يونين ۽ قومي اسيمبلي جي حصيداري سان ??ائيدار ترقي جا هدف حاصل ڪرڻ تي ايشيا پيسفڪ ريجن جي پارليامينٽن جي ٽئين علائقائي سيمينار کي خطاب ڪ??دي شيري رحمان چيو ته موسمياتي تبديلين جي ڪري پاڪستان ۾ معمول کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ برساتون ٿيون، رڳو سنڌ ۾ ماضي جي ڀيٽ ۾ ستوڻ تي برساتون ٿيون، اها ئي صورتحا?? ملڪن جي باقي علائقن جي به آهي. موسمياتي تبديلي واري وفاقي وزير چيو ته تازي ٻوڏ سان ??ڏي انگ ۾ فوتگيون ٿيون، لکين گهر ۽ بيٺل فصل تباهه ٿيا، 200 کان ??ڌيڪ پل ۽ سوين ڪلوميٽر رستا تباهه ٿيا، ريلوي، انٽرنيٽ جو نظام متاثر ٿيو، پاڪستان ۾ گرمي جي موسم ۾ شديد هيٽ ويوز کي پڻ منهن ڏيڻو پيو جڏهن ته برساتون به معمول کان ??ڌيڪ ٿي رهيون آهن، اهو سڀ موسمياتي تبديلين جي ڪري آهي. هن چيو ته پاڪستان ڀرپاسي وڏا گليشيئرز موجود آهن جڏهن ته دنيا جو وڏو درياءَ ۽ نهري نظام به هتي موجود آهي، هن وقت پاڪستان ۾ ايندڙ بدترين ٻوڏ سان سنڌ جو وڏو علائقو متاثر ٿيو آهي، بين الپارلياماني يونين ۾ شامل ڪيترن ئي ملڪن کي به اهڙيون موسمياتي تبديليون درپيش آهن. وفاقي وزير چيو ته عا??مي سطح تي موسمياتي تبديلين ۾ پاڪستان جو حصو هڪ سيڪڙو کان به گهٽ آهي، گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل پاڪستان جي دوري جي موقعي تي ان جي تصديق به ڪئي، جيڪي ملڪ دنيا ۾ موسمياتي تبديلين جو وڏو سبب بڻيل آهن اهي ان جي خاتمي لاءِ پن??نجو واعدو پورو نه ڪري رهيا آهن. هن چيو ته هزاريه ترقياتي هدف اسرندڙ ملڪن جي لاءِ اميد جي ڪرن آهي.