اسلا?? آباد – 31 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف بجلي پهچائيندڙ ڪمپنين جي چيف ايگزيڪيوٽوز کي پنهنجي شهرن ۾ موجود رهڻ ۽ پنهنجي نالن ۽ نمبرز سان عوام جي سهولت ۽ شڪايتن جي ازالي لاءِ آ??اهي مهم هلائڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف خيبرپختونخواهه جي ٻوڏ متاثر علائقن جي دوري تان واپس اسلا?? آباد پهچندي ئي سڄي ملڪ ۾ بجلي، رس??ن ۽ مواصلاتي نظام بابت ايف ڊبليو او ۽ ٻين ادارن جو نقصانن ۽ بنيادي ڍانچي جي بحالي تي جاري ڪم جي اڳڀرائي جو جائزو وٺڻ لاءِ اجلاس طلب ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ اجلاس ۾ ايف ڊبليو او ۽ لاڳاپيل وزارتن جا عملدار شريڪ ٿيا. اجلاس کي تازي صورتحال ۽ جاري بحالي جي ڪم تي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو پيو وڃي.