اسلام آباد – 12 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ ترڪي?? جي وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري وڌائڻ جا وسيع موقعا موجود آهن، مصنوعات جي واپار جي معاهدن سان ٻنهي ملڪن جي لاءِ نيون راهون کلنديون، ٻطرفي واپار جي فروغ لاءِ معاهدن تي پوري طرح عملدرآمد کي ي??ين?? بڻايو ويندو. هن اهڙن خيالن جو اظهار پاڪستان ۽ ترڪي?? جي وچ ۾ واپاري معاهدي تي صحيحن واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. معاهدي تي واپار واري وفاقي وزير سيد نويد قمر ۽ ترڪي?? جي واپار واري وزير مهمت مش صحيحون ڪيون. تقريب ۾ ناڻي وارو وزير مفتاح اسماعيل، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، ماحوليات واري وفاقي وزير شيري رحمان، سيڙپڪاري بورڊ واري وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين ۽ اعليٰ سرڪاري آفيسر به موجود هئا. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه جا تاريخي ڀائراڻن لاڳاپن ۾ هي معاهدو هڪ سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿو. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپاري معاهد خوش آئ??ده آهن، ان تي ڪيترائي سال ڳالهه ٻولهه ٿي رهي هئي. مئي ۾ اسان جي ترڪي?? جي دوري کانپوءِ پاڪستان ۽ ترڪيه پاران معاهدن جي لاءِ ڪوششن کي تيز ڪيو ويو. ترڪي?? جي صدر رجب طيب اردوان جي مثالي قيادت ۾ ترڪي?? جي واپار واري وزير مهمت مش ۽ پاڪستان جي واپار واري وزير سيد نويد قمر ۽ ٻنهي ملڪن جي سفيرن ۽ ٻين اعليٰ عملدارن تمام گهڻي محنت ڪئي آهي، جنهن کانپوءِ اهي معاهدا طئي ٿيا آهن. هن چيو ته پاڪستان ۽ ترڪي?? جي وچ ۾ واپار جي فروغ جي وسيع گنجائش ۽ صلاحيت موجود آهي ۽ واپار جي فروغ جي لاءِ اسان ڀرپور عزم رکون ٿا. ان معاهدي سان ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن کي مستحڪم بڻائڻ جي لاءِ نيون راهون کلنديون ۽ واپار ۽ سيڙپڪاري وڌائڻ ۾ مدد ملندي. اسان ان معاهدي تي پوري طرح عملدرآمد کي ي??ين?? بڻايو آهي. تقريب کي خطاب ڪندي واپار واري وزير سيد نويد قمر چيو ته پاڪستان ۽ ترڪي?? جي وچ ۾ معاهدي تحت ٻئي ملڪ پنهنجي پنهنجي مصنوعات جو واپار ڪري سگهندا ۽ ان سان ٻنهي ملڪن جي معيشت مستحڪم ٿيندي. پاڪستان ۽ ترڪيه واپار جي لاءِ مختلف شين تي هڪ ٻئي کي رعايت ڏني آهي. اسان پنهنجي ٻطرفي واپار جو ماپو 5 ارب ڊالر تائين وڌائڻ جا خواهشمند آهيون. ان معاهدي سان اسان کي پنهنجو هدف حاصل ڪرڻ ۾ مدد ملندي ۽ ٻنهي ملڪن جي ڪاروباري طبقا ان مان فائديمند ٿيندا. ترڪي?? جي واپار واري وزير مهمت مش چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه کي ڊگهي عرصي کان گڏيل واپار جي فروغ لاءِ ان معاهدي جي ضرورت هئي. مئي ۾ وزيراعظم شهباز شريف جي ترڪي?? جي دوري دوران ان تي ڪم تيز ڪرڻ تي ا??فا?? ڪيو ويو. ان معاهدي سان پنهنجو ٻطرفو واپار 5 ارب ڊالر تائين وڌائي سگهنداسين. واپار جو فروغ هڪ مسلسل عمل آهي، جنهن جي لاءِ اسان کي گڏجي چئلينجن تي ضابطو آڻڻو آهي.