اسلام آباد ??? 11 – مئي (ا?? پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري ??فا??ي وزير مريم اورنگزيب مسلم ليگ (ن) جي صوابي ۾ ڪامياب جلسي تي خيبرپختونخوا جي عوام جو ٿورو ادا ڪندي چيو آهي ته بهادر، سچي ۽ غيرمند پشتونن جي عوامي عدالت عمران خان جي سازشي خط جي تم??شي کي اڄ پوري طاقت سان رد ڪري ڇڏيو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته اهو عوام جو اهو سيلاب آهي جنهن اڄ ڪوڙي ۽ ٺڳ سازشين جي سازشي ٿيوري دفن ڪري ڇڏي آهي، هن چيو ته 8 سالن کان صوبي ۾ مڙهيل ن??لائقي، نااهلي ۽ ڪرپشن جي خلاف عوام فيصلو ٻڌائي ڇڏيو آهي ته تم??شو بند ڪريو ۽ پنهنجي ڪارڪردگي جو حساب ڏيو.